ربنواز ٽانوري

ربنواز ٽانوري: ربنواز عرف رَبو ٽانوري ۽ سندس ڀاءُ چاچڙ ٽانوري، تعلقي صادق آباد ضلعي رحيم يار خان پنجاب، سان تعلق رکندا هئا. سنڌ ۾ سورهيه بادشاهه جي حر تحريڪ ۾ ٻنهي ڀائرن ڀرپور حصو ورتو ۽ ٻنهي ڀائرن حر گوريلا ڪمانڊر قبول خان گبول جي جٿي ۾ شامل ٿي انگريز سرڪار خلاف ڪيترن ئي حملن ۾ بهرو ورتو هو. ڏهرڪيءَ ويجهو مال گاڏي ڪيرائڻ، توڙي اُٻاوڙي ويجهو ريتي ريلوي اسٽيشن لڳ فوجي هوائي اڏي تي ٿيندڙ حملن ۾ ٻئي ڀائر شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو